اسلامي عقائد

اسلامي عقائد (ڪتاب): هيءُ ڪتاب رسول بخش الهه نواز آخوند جو لکيل آهي. ڪچي جلد سان هن ڪرائون سائيز واري ڪتاب ۾ 216 صفحا آهن ۽ قيمت ڏيڍ رپيو ڏنل اٿس. سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد طرفان هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس مان ڇپجي 1944ع ۾ پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، ساڳيءَ پريس مان 1947ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو